پرواز ادبي سنگت هالا

پرواز ادبي سنگت هالا: پرواز ادبي سنگت هالا، عبدالرشيد ابڙي ”رشيد هالائيءَ“، 1963ع ۾ هالا شهر ۾ قائم ڪئي هئي. هن تنظيم جي قيام ۾ رشيد هالائيءَ سان گڏ عبدالغفار ابڙو، فتح محمد چانگ، ’پرديسي‘ ۽ عبدالجليل نشتر شامل هئا. هن تنظيم جا هيٺيان مقصد هئا:
1. سنڌي ادب جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙڻ؛
2. نوجوانن ۾ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ؛
3. ادب ذريعي صحتمند معاشري لاءِ جاکوڙڻ؛
4. اخلاقي ۽ سماجي براين خلاف ادب جي ذريعي جهاد ڪرڻ؛
5. ادبي تقريبون منعقد ڪرائڻ، ۽
6. اديبن ۽ شاعرن جا ڪتاب شايع ڪرائڻ.
هن تنظيم پاران عيد ميلادالنبيءَ جون تقريبون، مختلف اديبن ۽ شاعرن سان رهاڻيون، مشاعرا ۽ راڳ رنگ جون ڪيتريون محفلون ڪوٺايون ويون. 1966ع ۾ ”دنيا هڪ تصويري آئينو“ نالي سان تصويرن ۽ هالا ۾ ٺهندڙ ثقافتي شين جي هڪ نمائش ڪرائي وئي، هن نمائش ۾ ماهوار گلستان جي ايڊيٽر، روزاني مهراڻ ۽ ماهوار سائنس مئگزين جي سب ايڊيٽر ۽ مصور غلام حيدر ڀٽيءَ جون تصويرون رکيون ويون هيون. هن تصويري ۽ ثقافتي نمائش جو افتتاح مشهور تعليمدان غلام رضا ڀُٽي ڪيو هو.
هن تنظيم پاران هر سال هالا ۾ ”ساليانو جشن پرواز“ منعقد ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ ڪتابن جي نمائش، مشاعرو، راڳ رنگ جي محفل ۽ ادبي رهاڻ شامل هوندي هئي، جنهن ۾ سنڌ جا ناميارا اديب، شاعر ۽ راڳي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا هئا، انهن ۾ ڊاڪٽر ابراهيم خليل، منظور نقوي، جمال الدين مومن، قاضي عبدالوهاب عزيز مورائي، الحاج رحيم بخش قمر جا نالا قابل ذڪر آهن. هن تنظيم هڪ ڪتاب ”منزل ناهي دور“ ترتيب ڏياريو، پر شايع نه ٿي سگهيو. هيءَ تنظيم 1992ع تائين سرگرم رهي، ان بعد هن تنظيم جي باني ميمبرن جي هالا مان لڏي وڃڻ سبب تنظيم جون سرگرميون ختم ٿي ويون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو